ڄام شورو

ڄام شورو: حيدرآباد ڊويزن جو ضلعو، جنھن جو صدر مقام ڪوٽڙي شھر آهي. ڊسمبر 2004ع ۾ دادوءَ کان الڳ ڪري انتظامي طرح ڌار ’ڄـام شـوري‘ کي ضلـعـي جو درجو ڏنو ويو. ضلعي ۾ چار تعلقا: سيوهڻ، مانجهند، ڪوٽڙي ۽ ٿاڻو بولا خان شامل آهن. ضلعي جي اتر ۾ دادو ضلعو، اوڀر ۾ سنڌو ندي ۽ حيدرآباد ضلعي جو ڪجهه حصو، اولهه ۾ کيرٿر جبل ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد، ٺٽو ۽ ڪراچي ضلعا اچي وڃن ٿا. ضلعي جـو صنـعتـي عـلائـقــو ڪوٽڙيءَ کان نوري آباد تـائيـن پکـڙيـل آهــي، جتـي سـائيـٽ ايـريـا ۾ 500 کان وڌيڪ ننڍا ۽ وڏا ٽيڪسٽائيل، سيمينٽ ۽ گيھه وغيره جا ڪارخانا قائم آهن. ضلعي ۾ قديم ماڳن جو هڪ سلسلو موجود آهي، جيڪو موهن جي دڙي ۽ مھرڳڙهه واري دور کان شورع ٿئي ٿو. هن ضلعي جي قديم ماڳن مڪانن ۽ شھرن ۾: رني ڪوٽ جو قلعو، سيوهڻ شھر، سيوهڻ جو قلعو، قلندر شھباز جو مقبرو، ڀڳو ٽوڙهو جبل، لڪي تيرٿ، شاهه صدرالدين لڪياريءَ جو مقبرو، ڪائيءَ جو غارون، آمري، ڪوهتراش بُٺي، علي مراد واهڻ، ڪرچات، پوکڻ ڪوٽيرو، بيبيءَ جي ڀٽ، نئنگ، احمد شاهه سائيٽ، عارب جو ٿاڻو، کجور لانڍي، ٻچائي لانڍي، حجوڻو، ٽڪو بارڻ، سن شھر، شاهه حيدر سنائي، شاهه جرار ۽ جي. ايم. سيد جون مزارون،ساهڙ لنجار'> مخدوم ساهڙ لنجار جي مزار، نئن موهن ۽ نئن بارڻ وغيره شامل آهن. ضلعي جي قديم ماڳن مڪانن تي آثار قديمه جي ماهرن فيئر سروس ۽ اين. جي. مجمدار ڪم ڪيو آهي. هن ضلعي جي قديم ماڳن مان آمريءَ جا آثار وڏي اهميت رکن ٿا، جيڪي موهن جي دڙي جي تھذيب کان به آڳاٽا آهن. ضلعي جي جهانگارا باجارا علائقي واري قديم سڙڪ وسيلي، قافلا عربي سمنڊ ۾، سامونڊي سفر لاءِ، سامونڊي بندرن تي پھچندا هئا. هن ئي سڙڪ سان محمد بن قاسم کي گرفتار ڪري واپس بغداد موڪليو ويو هو. ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ به هن ضلعي ۾ واقع آهي. ڄام شوري کي سنڌو سڀيتا (Indus Civilization) لاءِ مکيه لنگهه به ڪوٺيو وڃي ٿو، هتان ئي سيوهڻ کان پوءِ کيرٿر جو جابلو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جنهن جي ڄمار ايم. ايڇ. پنهور 39 کان 47 ملين سال ڄاڻائي آهي. ضلعي جي ڪجهه حصي ۾ کيرٿر نئشنل پارڪ به اچي وڃي ٿو. ڪوهستاني جابلو پٽي به هن ضلعي ۾ آهي. هن ضلعي ۾ ڪانڀو، ڪارو ۽ سورجاڻي جبل به آهي. سنڌو ندي هن ضلعي جي سيوهڻ کان ڄام شوري تائين سڌي سينڌ وانگر وهي ٿي، جنھن جي ڪپ تي لڪي شاهه صدر، آمري، سن، مانجهند، ٻڍاپور، انڙپور، علي آباد، پيٽاري، ڄام شوري ۽ ڪوٽڙيءَ جا شھر واقع آهن. مشھور تفريحي ماڳ، بڊو جبل به هن ئي ضلعي ۾ آهي. ڄام شوري ويجهو المنظر وارو تفريحي ماڳ سنڌو نديءَ جي ڪناري، ڄام شوري پل ويجهو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺھرايو هو. هتان ئي ڦليلي واهه، ڪوٽڙي بئراج جا واهه نڪري سنڌ جي لاڙ واري حصي کي آباد ڪن ٿا. هي ضلعو سنڌ صوبي توڙي پاڪستان جي اهم تعليمي درسگاهن: سنڌ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMHS) ۽ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (MUET) جي ڪري به مشھور آهي. ان کان علاوه هن ضلعي ۾ سنڌي ادبي بورڊ، بيورو آف ڪريڪيولم، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ، ايم. ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ميوزڪ اينڊ پرفارمنگ آرٽ (SIMPA)، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ ٻيا ڪيترائي علمي، ادبي ادارا موجود آهن. ضلعي جي توانائي وارن منصوبن ۾: ڄامشورو ٿرمل پاور اسٽيشن، لاکڙا پاور پلانٽ ۽ گيس ٽربائن پاور اسٽيشن (GTPS) شامل آهن. ضلعي جي قديم ترين قبرستانن ۾: بونيشن وارو قبرستان ۽ ڄام لوهار وارو قبرستان (تؤنگ، ٿاڻو بولا خان) اچي وڃن ٿا. هتي تاريخ کان اڳ واري دؤر جون ڪيتريون قديم روهيون ۽ ڪوٽيڙا موجود آهن، جهڙوڪ: حسين شاهه ڪوٽيڙو، سَند ڪوٽيڙو، رجب باريجو، حاجي قاسم باريجو وغيره. زردتشت دؤر جا ڪيترا گبربند جھڙوڪ: دنبار گبربند ۽ گز گبربند به هن ضلعي ۾ موجود آهن. خود رني ڪوٽ جي دروازي تي زردتشتين جو آتشڪدو ۽ ميري ڪوٽ ۾ زردتشت دور جا نشان ملن ٿا. ضلعي جي ڳوٺ انڙپور لڳ دولھه خان جي اوطاق'>دريا خان جي اوطاق به موجود آهي، جنھن جي تازو سنڌ حڪومت مرمت به ڪرائي آهي. 2017ع جي آدمشماري موجب هن ضلعي جي آبادي نو لک ٽيانوي هزار، نو سو اٺ (993،908) آهي.


لفظ ڄام شوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو